ظفر الله جمالي

ظفر الله جمالي

ظفر الله جمالي

ظفر الله جمالي: مشهور سياستدان ۽ ملڪ جو تيرهون وزير اعظم رهندڙ الله جمالي'>ظفر الله جمالي پهرين جنوري 1944ع تي هڪ مذهبي، سياسي ۽ زميندار گهراڻي ۾ روجهاڻ جمالي ضلعي نصير آباد بلوچستان ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم لارينس ڪاليج مريءَ مان ورتي، اي ليول جي تعليم ابيئچين ڪاليج لاهور مان ڪيائين ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيٽ ٿيو. 1965ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائينس ۾ ماسٽرس جي ڊگري ورتائين. هي هاڪي راند ۾ پنهنجي وقت جو سٺو رانديگر هو ۽ اسڪول جي ٽيم جو ميمبر رهيو. الله جمالي'>ظفر الله جمالي پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1970ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي پليٽ فارم تائين ڪئي. 1970ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو. 1977ع ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ کٽي آيو. کيس فوڊ، انفارميشن لاءِ پارليامينٽري معاملن جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. ضياءَ الحق جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ هو ضياءَ الحق سان لاڳاپجي ويو ۽ کيس ملڪ جو اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ هو نيشنل اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، تڏهن محمد خان جوڻيجي جي مرڪزي وزارت ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جو وزير ٿيو ۽ 1988ع ۾ بلوچستان جو وڏو وزير ٿيو. 1990ع ۾ هن نيشنل اسيمبلي جي سيٽ تان پيپلزپارٽي هٿان هارايو. 1993ع ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون ته هن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار کي شڪست ڏني ۽ 1997ع ۾ بلوچستان جو پهريون ڀيرو وڏو وزير چونڊيو ويو. جولاءِ 2002ع ۾ هن مسلم ليگ ’ق‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان جو سينيئر ايگزيڪيوٽو صدر چونڊيو ويو ۽ 2002ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر بنيو.21 نومبر 2002ع تي هن پاڪستان جي تيرنهين وزير اعظم طور قسم کنيو. هن 342 جي ايوان مان 188 ووٽ کنيا هئا. هي بلوچستان جي سياستدانن مان پهريون سياستدان هو جيڪو پاڪستان جو وزير اعظم بنيو. جيئن ته هن جو ڪنهن به اڪثريتي پارٽي سان واسطو ڪو نه هو تنهن ڪري کيس ايم. ايم. اي، ايم. ڪيو. ايم ۽ پيپلز پارٽي سان سياسي الحاق ڪرڻو پيو. هن پنهنجي دؤر ۾ ڪيترائي چڱا ڪم ڪيا، جن ۾ افغانستان جو دورو وڏي اهميت جو حامل هو، جو طالبان جي حڪومت 2001ع وڃڻ کان پوءِ هي دورو وڏي اهميت حاصل ڪري ويو. هن اتان جي صدر حامد ڪرزئي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته امن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويندو. هن 2003ع ۾ آمريڪا جو دورو ڪيو ۽ تشدد پسندن سان ويڙهه ۾ آمريڪا کي ساٿ جو يقين ڏياريو. هن هندستان سان به لاڳاپا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا. 2004ع ۾ الله جمالي'>ظفر الله جمالي 4 ڪلاڪ جنرل (ر) پرويز مشرف سان ملاقات کان پوءِ اوچتو ٽيليويزن تي اچي وزير اعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته هن جا پرويز مشرف سان سياسي تعلقات خراب ٿي پيا هئا. استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ الله جمالي'>ظفر الله جمالي پنهنجي پراڻي شوق هاڪي راند ڏي ڌيان ڏنو. کيس هاڪي فيڊريشن جو صدر بنايو ويو. پر 2008ع ۾ هن انهي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. 2013ع واري چونڊن ۾ مير الله جمالي'>ظفر الله جمالي مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي 81371 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جي نصيرآباد واري تڪ تان ڪامياب ٿيو جڏهن ته پارٽي سان اختلافن سبب 12 آڪٽوبر 2017ع تي قومي اسيمبلي ميمبري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. هن وقت پنهنجي ڳوٺ روجهاڻ جمالي ۾ رهي ٿو. الله جمالي'>ظفر الله جمالي 2 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي.


لفظ ظفر الله جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.01.01  عيسوي

ظفر الله جمالي پهرين جنوري 1944ع تي هڪ مذهبي، سياسي ۽ زميندار گهراڻي ۾ روجهاڻ جمالي ضلعي نصير آباد بلوچستان ۾ ڄائو.


2020.12.02  عيسوي

ظفر الله جمالي 2 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فاروق بجاراڻي
امام علي مرزا ڊاڪٽر
ظهير مهدي
راحيلا شر
داد فتو
جعفر شاهه مورائي
تلسي ناياڻي
جعفر خواجو
ريجھو مل لاهوري
حڪيم الهندو خان جويو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون